سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته نيب کان سياسي پارٽيون ٽوڙڻ ۽ ٺاهڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي

سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته نيب کان سياسي پارٽيون ٽوڙڻ ۽ ٺاهڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي،  احتساب رڳو سياستدانن جو نه ٿيڻ گهرجي.

ملتان ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو ته هن ملڪ کي هر هڪ لٽيو آهي، سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته احتساب رڳو سياستدان جو نه پر هر اداري جو ٿيڻ گهرجي، هتي احتساب جي معاملي تي نوازشريف، شهباز شريف، مريم نواز، آصف زرداري، حمزه شهباز ۽ سلمان رفيق جهڙن ماڻهن کي پڪڙيو ويندو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو رستو تبديل ڪندو آهي ته ان تي سڀ ڪجهه قربان ڪيو  ويندو آهي.

سينيئر سياستدان  چيو ته، مان پنهنجي ذاتي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو ته هي ادارو احتساب لاءِ نه آهي، نيب ڪڏهن به احتساب لاءِ نه ٺهيو هو، مون سپريم ڪورٽ کي به چيو هو ته هي نيب نه پر عيب آهي.

مخدوم جاويد هاشمي چيو ته، مون پنهنجي اثاثن جو حساب ڏنو، جنهن سبب نيب منهنجي خلاف ڪجهه نه  ڪري سگهيو.

سينيئر سياستدان  چيو ته، نيب کان پارٽيون ٺاهڻ ۽ پارٽيون ٽوڙڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي.

هن چيو ته، اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن اڳ مسلم ليگ کي نيب ذريعي ختم ڪيو ويو، ان کي ٻيهر ختم ڪيو ڃي. …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*