قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي طرفان گيس جي بندش خلاف احتجاج ڪيو ويو

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي طرفان گيس جي بندش خلاف احتجاج ڪيو ويو، نويد قمر چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 158 تي عمل عمل نه ٿي رهيو آهي، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه کي گيس سڀ کان اڳ ملڻ گهرجي، عبدالقادر پٽيل چيو ته پاڻي کانپوءِ سنڌ ۾ گيس به بند ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران سنڌ ۾ گيس جي بندش خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پيپلزپارٽي جي ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو ته پاڻي کانپوءِ سنڌ ۾ گيس به بند ڪئي وئي آهي.

نويد قمر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تي عمل عمل نه ٿي رهيو آهي، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه کي گيس سڀ کان اڳ ملڻ گهرجي.

پيٽروليم واري وزير غلام سرور چيو ته سي اين جي شعبي کي  گيس آهي، باقي بنا نوٽيس جي بند ڪئي وئي آهي.

غلام سرور چيو ته ڪيپٽو کي اڪٽوبر ۾ نوٽيس ڏنو هو ته ٽن مهينن تائين گيس جي فراهيم بند رکي ويندي.

پيٽروليم واري وزير چيو ته سنڌ جي ٻن گيس فيلڊ انڙ ۽ گمبٽ ۾ هڪ سئو 30 ايم ايم سي ايف ٽي پيدوار گهٽ ٿي رهي آهي.

غلام سرور چيو ته گيس ڪمپنيون آرٽيڪل 158 تحت سپريم ڪورٽ ويون، هاڻ اهو معاملو عدالت ۾ آهي، ان تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي.

غلام سرور چيو ته جمعي ڏهاڙي  سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ٿيندي، جنهن دوران سمورن مسئلن تي ڳالهيون ڪيون وينديون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*