پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ڪُڪڙين ۽ بيضن واري سياست بند ڪري عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري

پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ڪُڪڙين ۽ بيضن واري سياست بند ڪري عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري، پارليامنٽيرينز کي گرفتارين ذريعي ڊيڄاريو پيو وڃي.

ملير بار کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان ڊڪٽيٽر بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري، ضياءُ الحق کان وڌيڪ ڊڪٽيٽر بڻجڻ سان ملڪ کي نقصان پهچندو.

خورشيد شاهه چيو ته آمرن ۽ ٻين ماڻهن سياستدانن کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي، مونکي سياستدان هئڻ تي فخر آهي.

خورشيد شاهه چيو ته گذريل چاليهه سالن کان ملڪ ۾ ڊڪٽيٽرشپ جو راڄ رهيو، ملڪ کي سياستدانن ئي ٺاهيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته هن ملڪ کي جيڪڏهن ڪير بچائي سگهي ٿو ته اهي سياستدانن ئي آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*