قومي اسيمبلي ۾ سرڪاري ۽ اپوزيشن ميمبرز هڪٻئي خلاف نعريبازي ڪئي،  فواد چوڌري چيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙن کي جيل وڃڻو پوندو

قومي اسيمبلي ۾ سرڪاري ۽ اپوزيشن ميمبرز هڪٻئي خلاف نعريبازي ڪئي،  فواد چوڌري چيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙن کي جيل وڃڻو پوندو، شاهد خاقان عباسي چيو ته اپوزيشن کي دٻائڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪٿي به کين انصاف نظر نه پيو اچي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن دوران سرڪاري ۽ ن ليگ ميمبرز هڪٻئي خلاف نعريبازي ڪئي.

اجلاس ۾ ن ليگ جي مريم اورنگزيب “جيڪو مشرف جو يار آ، غدار آ غدار آ” جا نعرا لڳرايا، جنهن سبب ايوان ۾ گوڙ شروع ٿي ويو.

فواد چوڌري مريم اورنگزيب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ته صبر ڪيو، اوهان کي به وڃڻو آهي.

سڌ ساءَ واري وزير چيو ته نواز ليگ جي تربيت درست ٿي آهي، اپوزيشن کي پنهنجا ڪرتوت ياد آهن، ڪڏهن اسان کي به ٻڌو وڃي ته خزانو ڪيئن خالي ٿيو.

فواد چوڌري چيو ته خواجا سعد رفيق کي عدالتي فيصلي کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو، جيڪڏهن اسان انهن کان لٽيل دولت واپس وٺي نه سگهياسين ته پوءِ تحريڪ انصاف کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي.

نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان احتساب جي حق  ۾ آهيون پر نيب جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو انصاف نه آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته، سڀني کان پڇيو وڃي ته سياست ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ هنن وٽ ڇا هو؟ سياست ۽ پارليمان جي روايتن موجب ايوان کي هلايو وڃي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته اپوزيشن اپوزيشن کي دٻائڻ لاءِ نه احتساب اداري کي استعمال ڪيو پيو وڃي،

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته جيڪو ڪجهه اڄ ٿي رهيو آهي، اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيندو هو، اسيمبلي جو اسپيڪر احتساب کان نه پر انتقام کان ميمبرن ۽ پارليامينٽ کي بچائي.

راجا پرويز اشرف چيو ته نيب هڪ ڌري ڪارروائي کان پاسو ڪري، نه ته ماڻهن جو اعتماد ختم ٿي ويندو.

راجا پرويز اشرف چيو ته جنهن معاشري ۾ انصاف نه ٿئي، اهو نه هلي سگهندو آهي، اسان چاهيون ٿا ته نيب کي خود مختيار ادارو هئڻ گهرجي.

نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*