جڊيشل ڪميشن آڏو ڌانڌلين جا ثبوت پيش ڪيا ويندا، جهانگير ترين

تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن آڏو ڌانڌلين جا ثبوت پيش ڪيا ويندا، ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي آهي، ايم ڪيو ايم خلاف به ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته ڌانڌلين جا ثبوت گل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ پاران ٽاسڪ فورس قائم ڪيو ويو آهي، جڊيشل ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ حفيظ الدين پيرزادو کي وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته جڊيشل ڪميشن جو قيام تحريڪ انصاف جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ٻين پارٽين پاران به ڌانڌلين خلاف اڳتي اچڻ ۽ ثبوت ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ سٺو عمل آهي.

جهانگير ترين چيو ته 16 اپريل تي رٿيل جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اهم آهي، سندن ڪوشش آهي ته اجلاس کان اڳ 15 اپريل تائين سمورا ثبوت جمع ڪرايا وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ جهانگير ترين چيو ته کيس نٿو لڳي ته ايم ڪيو ايم جڊيشل ڪميشن ۾ ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ ايندي پر ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي آهي، هو ڪميشن کي ان کان به آگاهه ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*