سپريم ڪورٽ پرڏيهه ۾ غير قانوني طور اثاثا ٺاهڻ تي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي 2 ڪروڙ 95 لک رپيا جمع ڪرائڻ

سپريم ڪورٽ پرڏيهه ۾ غير قانوني طور اثاثا ٺاهڻ تي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان کي 2 ڪروڙ 95 لک رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته رقم جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ عليمه خان جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ پرڏيهه ۾ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وزيراعظم جي ڀيڻ عليمه خان پيش ٿي.

عدالت ۾ بيان ڏيندي عليمه خان چيو ته هُن پنجاهه سيڪڙو قرض کڻي دبئي واري ملڪيت 3 لک 70 هزار ڊالرز ۾ خريد ڪئي.

ايف بي آر چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته عليمه خان ڏانهن 2 ڪروڙ 94 لک رپيا رهيل آهن، ايف بي آر ڪميٽي رات ڏينهن ڪم ڪري سمورن ڪيسز جو جائزو وٺي رهي آهي.

سپريم ڪورٽ ڀيڻ عليمه خان کي 2 ڪروڙ 95 لک رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس چيو ته رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ عليمه خان جي ملڪيت ضبط ڪئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*