روس جي جهنگ ۾ لڳل باهه هڪ هزار کان وڌيڪ گهرن کي وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ 15 ڄڻا فوت، سوين زخمي

روس جي جهنگ ۾ لڳل باهه هڪ هزار کان وڌيڪ گهرن کي  وڪوڙي وئي 15 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا،باهه سبب  20 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيڻ جا اطلاع آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب روس جي خاڪاسيا واري علائقي جي جهنگ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

خاڪاسيا جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ان علائقي ۾ باهه لڳل هئي جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته خشڪ موسم ۽ تيز هوائن سبب انهن جهنگلن ۾ لڳل باهه ڪيترن ئي گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته باهه سبب شهر جي بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو آهي.