اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ نيب آڏو پيش نه ٿيا

اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ نيب آڏو پيش نه ٿيا، وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول جو ڪمپني سان ڪو واسطو نه آهي، نيب جا نوٽيسز غيرقانوني آهن.

پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان سندن وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نيئر بخاري پيش ٿيا.

فاروق ايڇ نائيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب کي آصف زرداري ۽ بلاول ڀُٽي کي نوٽيس نه موڪلڻ گهرجن ها.

هن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀُٽي جو ڪمپني جي معاملن سان ڪو به واسطو نه آهي.

پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته پارڪ لين ڪمپني جي حوالي سان نيب جا موڪليل نوٽيس غير قانوني آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*