وزيراعظم عمران خان ملڪ گئس بحران  تي سئي ناردرن ۽ سئي سدرن جَي بورڊ آف ڊائريڪٽرز هٽائي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان ملڪ گئس بحران  تي سئي ناردرن ۽ سئي سدرن جَي بورڊ آف ڊائريڪٽرز هٽائي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته گئس بحران جي ذميوارن کي معاف نه ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان گئس بحران جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

وزيراعظم گئس بحران تي سئي ناردرن ۽ سئي سدرن جَي بورڊ آف ڊائريڪٽرز هٽائي ڇڏيو.

وزيراعظم گئس بحران جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ بابت جوڙيل ڪميٽي کي سڀاڻي تائين رپورٽ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته گئس جو بحران وڏو مسئلو آهي، ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته هُو عوام جي ترجماني لاءِ اقتدار ۾ آيا آهن ۽ عوام کي ڪا به تڪليف نه اچڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*