لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي جَي ننڍن ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ٻارن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي جَي ننڍن ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ٻارن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نوشاد ڀٽو، ماجد علي ڀٽو، عرفان علي سومرو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اڳواڻن چيو ته هو ڪيترن ئي سالن کان ننڍن عهدن تي ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن، تنهن باوجود ڪيترن ئي سالن کان پگهارون بند ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته پگهارون ڏئي معصوم ٻارڙن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*