ڪراچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل اسد عمراڻي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي

ڪراچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل اسد عمراڻي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي.

شهيد ڀٽو ڪارڪنن ولي محمد لاهوري، برڪت علي ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود اسد عمراڻي جي قاتلن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، جيڪا انتهائي زيادتي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسد علي عمراڻي جي واقعي بابت جي آءِ ٽي جوڙي آفتاب پٺاڻ ۽ سلطان خواجا جي سربراهي ۾ جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*