لاڙڪاڻي ۾ سي اين جِي بند هئڻ خلاف ٽرانسپورٽرن وينون ۽ ٻيون گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاڙڪاڻي ۾ سي اين جِي بند هئڻ خلاف ٽرانسپورٽرن وينون ۽ ٻيون گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ٽرانسپورٽرن وينون، رڪشا ۽ ٻيون گاڏيون قمبر- وڳڻ بس اسٽينڊ تي بيهاري مير محمد، شهاب الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن چيو ته گذريل 5 ڏينهن کان سي اين جي بند هئڻ سبب سندن گاڏيون بيهي ويون آهن، جنهن سبب هو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سي اين جِي، جِي فراهمي فوري طور يقيني بڻائي کين بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*