ميھڙ ويجهو ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي

ميھڙ ويجهو ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

قاضي عارف روڊ تي ٽريڪٽر جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ڳورھاري عورت سَبرينا سوڍر  فوت ٿي وئي.

حادثي ۾ مسمات سڀاڳِي ۽ گلبھار سوڍر زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ميهڙ نيو ويو.

حادثي بعد ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*