سپريم ڪورٽ نجي اسڪولز کي 20 سيڪڙو فيس گهٽائڻ جو حڪم ڏيندي ايف بي آر کي 22 اسڪولز جي اثاثن بابت جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ نجي اسڪولز کي 20 سيڪڙو فيس گهٽائڻ جو حڪم ڏيندي ايف بي آر کي 22 اسڪولز جي اثاثن بابت جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت چيو آهي ته نجي اسڪولز 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس ۾ اضافو نٿا ڪري سگهن.

سپريم ڪورٽ ڪورٽ نجي اسڪولز فيس ڪيس ۾ عبوري آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ نجي اسڪولز کي حڪم ڏنو ته وئڪيشن دوران ورتل فيس جا اڌ پيسا شاگردن جي والدين کي واپس ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هاڻي نجي اسڪول بنيادي فيس ۾ 8 سيڪڙو به واڌ نه ڪري سگهندا.

عدالت چيو ته 20 سيڪڙو فيس گهٽائڻ سان اسڪول بند نه ٿيندا، نه ئي شاگردن کي ڪڍيو ويندو.

سپريم نجي اسڪولز کي 20 سيڪڙو فيس گهٽائڻ جو حڪم ڏيندي ايف بي آر کي 22 اسڪولز جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*