واٽر ڪميشن سکر شهر جي خراب حالت بابت مئير پاران جمع ڪرايل رپورٽ کي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر قرار ڏئي ڇڏيو

، واٽر ڪميشن سربراهه معاملو سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي 3 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته سکر شهر جو ڪارو منهن ڪيو ويو آهي.

سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ اميرهاني مسلم سکر شهر جي خراب حالت واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻي دوران جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم مئير سکر جي رپورٽ کي اکين ۾ ڌوڙ  وجهڻ برابر قرار ڏنو ۽ ريمارڪس ڏنو ته توهان هِي جواب ڏنو آهي، سکر کي توهان تباهه ڪري ڇڏيو، توهان مذاق بڻائي رکيو آهي، گهڻو پئسو خرچ ڪيو ويو آهي.؟

مئير سکر  ارسلان شيخ جسٽس رٽائرڊ  اميرهاني مسلم کي مخاطب ٿيندي موقف اختيار ڪيو ته جتي ڪم ٿيو آهي، توهان ان علائقي ۾ نه ويا آهيو، جڏهن ته مان 30 ڏينهن لاءِ عمري تي ويل هئس.

 واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته سکر شهر ۾ ڊرينيج جي هر ڇوٿِين لائين ڦاٽل آهي، مُک روڊ ۾ کڏا پيل آهن، ڪو ڏسڻ وار ناهي، توهان سموري شهر جو  ڪارو منهن ڪري ڇڏيو آهي.

 واٽر ڪميشن معاملو سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي 3 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*