سکر دهشتگردي ٽوڙ عدالت شڪارپور جي درگاهه حاجن شاھ ماڙي تي حملي ڪيس ۾ ٻن دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سکر دهشتگردي ٽوڙ عدالت شڪارپور جي درگاهه حاجن شاھ ماڙي تي حملي ڪيس ۾ ٻن دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪري ڇڏيو.

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن دهشتگردن خليل بروهي ۽ محمد اسماعيل عرف عبدالرحمان بروهي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت هڪ جوابدار ضمير معرفاڻي کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪري ڇڏيو.

عدالت ٻن پوليس عملدارن آءِ او ڪريم بخش ناپر ۽ حاجن شاھه کي غلط جاچ رپورٽ ڏيڻ تي نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

شڪارپور جي درگاهه ماڙي شاھه تي 2013 ۾ ٿيل دهشتگرد حملي ۾ حاجن شاهه ماڙيوارَي سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽  17 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*