اسان جي عسڪري حمايت سعودي عرب سان گڏ آهي، راڻا تنوير

بچاءُ واري وزير راڻا تنوير چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي وزير جو بيان اتان جي حڪومت طرفان آيل نه آهي، تنهنڪري اسان سندس بيان کي سرڪاري موقف نه ٿا تسليم ڪيون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته حڪومت جو موقف آهي ته يمن جي قانوني حڪومت کي هٽايو ويو، جنهن کي بحال ٿيڻ گهرجي، يمن جي چونڊيل حڪومت سان گڏ آهيون پر ان جي امداد نه ڪبي.

هن چيو ته سعودي عرب جي علائقائي سلامتي کي نقصان رَسڻ نه ڏنو ويندو ۽ اسان جي عسڪري حمايت سعودي عرب سان گڏ آهي.

راڻا تنوير جو چوڻ هو ته هن چوڌري نثار جو بيان هن نه پڙهيو آهي، تنهنڪري ان تي تبصرو نه ڪندو، باقي چوڌري نثار علي خان حڪومت کان ناراض نه آهي ۽ جتي سندس ضرورت هوندي آهي، اتي هو موجود هوندو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين پنهنجي بيانن سان عدليه تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*