پنجاب جو صوبائي وزير عليم خان چيو آهي ته اهو مڪافات عمل آهي ته نيب قانون جن لاءِ ٺاهڻو هو

پنجاب جو صوبائي وزير عليم خان چيو آهي ته اهو مڪافات عمل آهي ته نيب قانون جن لاءِ ٺاهڻو هو، اهي ٻاهر آهن  ۽ جن کي ٺاهڻو هو، اهي اندر آهن، ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي پي ٽي آءِ جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير عليم خان چيو ته اهو مڪافات عمل آهي، نيب قانون جن لاءِ ٺاهڻو هو، اهي ٻاهر آهن، ۽ جن کي ٺاهڻو هو، اهي اندر آهن.

هن چيو ته، ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي پي ٽي آءِ جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.

عليم خان چيو ته، ننڍي چونڊ ۾ حڪومتي مشينري جو ڪو به استعمال نه ٿيو آهي.

هن چيو ته جڏهن شهباز شريف وڏو وزير هو، ان دور ۾ هن اسيمبلي ميمبرن جي حقن لاءِ ڪجهه نه ڪيو، ڪاش ن ليگ پنهنجي ڏهن سالن ۾ ٻين جي ڪجهه ٻڌي ها ته اڄ اهڙو مسئلو نه هجي ها.

پنجاب جي صوبائي وزير چيو ته، لاهور جي چونڊ ايمانداري سان ٿي ۽ تحريڪ انصاف کٽيو.

هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپڪير کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويو هو.

عليم خان چيو ته، ڪاش 2015 ۾ جڏهن منهنجي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا هئا تڏهن حمزه شهباز چئي ها ته نيب آزاد هئڻ گهرجي.

پنجاب جي صوبائي وزير چيو ته، مونس الاهي جي گرفتاري تي خاموش رهندڙن کي سلمان رفيق جي گرفتاري تي تڪليف ٿي رهي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*