سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف بلز ۽ ٺهراءَ منظور ڪيا ويا

سنڌ اسيمبلي هوٽلز، ريسٽ هائوس، هاسٽلز ۽ گهرن ۾ رهندڙ مسواڙين جا تفصيل واسطيدارن ٿاڻن کي  فوري ۽ لازمي طور ڏيڻ، ايسو سيئشن آف آرٿوسينس انسٽيٽيوٽ جي قيام وارو بل ۽ پنجاب مان گهوٽڪي ۾ ايندڙ زهريلي پاڻي کي روڪڻ واري ٺهراءُ سميت مختلف بلز  ۽ ٺهراءُ منظور ڪيا ويا آهن.

سنڌ  اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن واري وزير سڪندر منڌري هوٽل، ريسٽ هائوس، هاسٽلز ۽ گهرن ۾ رهندڙ مسواڙين جا تفصيل فوري طور حد جي ٿاڻن کي ڏيڻ وارو بل پيش ڪيو.

حڪومت پاران پيش ڪيل بل  بابت ايم ڪيو ايم ميمبرز ۽ مخالف ڌر  اڳواڻ ترميمون پيش ڪيون، جن کي رد ڪيو ويو، منظور ڪيل بل تحت فوري ۽ درست ڄاڻ نه ڏيندڙ شخص کي 6 مهينا قيد ۽ 45 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي.

متحدهه ميمبرز بل تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته ان سان پوليس جو ڪاروبار شروع ٿي ويندو، سڪندر منڌري چيو بل وقت جي ضرورت آهي ان سان  دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.

اجلاس دوارن سرڪاري گزيٽ جي ڇپائي وفاقي ايجنسي کان ڪرائڻ وارو ٺهراءُ ۽ شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي نوابشاهه جي ڀر واري پنهل چانڊيو رورل هيلٿ سينٽر جي الحاق وارو بل به منظور ڪيو ويو.

پ پ ايم پي اي خيرالنساءِ مغل پنجاب مان گهوٽڪي ضلعي ۾ ايندڙ زهريلي پاڻي کي روڪڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو،جنهن جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءُ تي ڳالهائيندي مختلف ميمبرز چيو ته پنجاب مان ايندڙ  زهريلي پاڻي گهوٽڪي ۽ سکر ضلعي جون زمينون  تباهه ڪري ڇڏيون آهن، ان ڪري زهريلي پاڻي کي روڪڻ لاءِ فوري اپاءِ ورتا وڃن.

صوبائي وزير سڪندر منڌري ايسوسئيشن آف آرٿوسينٿيسز پوسٽ گريجوئٽ انسٽيٽيوٽ جي قيام وارو  بل پيش ڪيو، جنهن جي به منظوري ڏني وئي.

فنڪشنل ايم پي اي نصرت سحر عباسي خيرپور ضلعي ۾ 80 سيڪڙو ٽيوب ويل خراب هئڻ بابت رٿ پيش ڪئي، جنهن کي رد ڪيو ويو، جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي رفيق ڀانڀڻ فيض گنج کي قدرتي گئس ڏيڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

پ پ ايم پي اي خورشيد جوڻيجو لاڙڪاڻي مان نيشنل بئنڪ جي ريجنل برانچ  منتقل ڪرڻ  جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به منظوري ڏني وئي.

اجلاس دوران  ايم ڪيو ايم جي سمعيه افضل پاران اسٽريٽ چئلڊرين کي بنيادي حق ڏيڻ وارو پيش ڪيل  ٺهراءُ به اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

سنجهوري تعلقي جي پريتم آباد واري علائقي ۾ هڪ سئو ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيندڙ معذور ناري الهه بچائي چانڊيو  سنڌ اسيمبلي اجلاس  جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ آئي، جنهن دوران فنڪشنل ليگ جي پارلياماني اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي کيس سلام پيش ڪندي چيو ته معذور ناري 8 ورهين کان تعليم ڏئي رهي آهي ان ڪري کيس سرڪاري نوڪري ڏني وڃي.

نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته اهڙي ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪي ٽي اين نيوز  ۽ ڪاوش جو اهم ڪردار آهي، جنهن تي ادارا جس لهن.

تعليم واري وزير نثار کهڙو معذور ناري الهبچائي چانديو کي نوڪري ڏيڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هو ان حوالي سان ڪوشش ڪندو.

ايم ڪيو ايم جي محمد حسين پي ٽي آءِ ميمبرن جي اجلاس ۾ شرڪت تي اعتراٰض واريندي اسپيڪر کي استدعا ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرز 40 ڏينهن کان وڌيڪ ايوان مان غير حاضر رهيا آهن ان ڪري سندن سيٽن کي خالي قرار ڏنو وڃي.

اسپيڪر محمد حسين کي ان معاملي تي خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو ان حوالي سان رولنگ ڏئي چڪو آهي، اهو معاملو ٻيهر اٿاري اسيمبلي جو وقت ضايع نه ڪيو وڃي.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*