دادو  ۾ ڦڪا شاخ ۽ بکراڻي شاخ ۾ پاڻي جي  هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

دادو  ۾ ڦڪا شاخ ۽ بکراڻي شاخ ۾ پاڻي جي  هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

گل حسن پنهور، حاجي ڪالو ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان منڍ جا بااثر آبادگارن غيرقانوني دڪا لڳائي ڇڏيا آھن.

 هنن چيو ته سالن کان وٺي شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري مرچن ۽ ڪڻڪ جي  فصل جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي.

ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته  ڦڪا شاخ ۽ بکراڻي شاخ ۾ پاڻي فراهم ڪري کين پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*