شاهپور چاڪر ۾ 3 ڏينهن اڳ ٽيڪسي ڊرائيور کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سندس وارثن لاش نوابشاهه روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو

شاهپور چاڪر ۾ 3 ڏينهن اڳ ٽيڪسي ڊرائيور کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سندس وارثن لاش نوابشاهه روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو.

مقتول ٽيڪسي ڊرائيور جي وارثن ۽ شھرين جي يو آءِ اڳواڻ شعيب عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.

   مقتول جي ڀاءَ خادم حسين ڪشميري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاءَ ٽيڪسي ڊرائيور ناظم حسين ڪشميري کي جوابدارن بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.

جي يو آءِ اڳواڻ شعيب عباسي چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*