دولتپورصفن ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳوٺن جي بجلي ڪاٽڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

دولتپورصفن ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳوٺن جي بجلي ڪاٽڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مختلف ڳوٺن جي رهواسين آچر جوکيو، علي محمد لاکو،گلاب اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته حيسڪو عملدار رشوت نه ملڻ سبب 200 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ناانصافي ڪئي آهي.

هنن چيو ته  حيسڪو عملدارن ڳوٺن جي بجلي ڪاٽڻ بعد رهواسين تي ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرايا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته حيسڪو عملي خلاف ڪارروائي ڪري بجلي بحال ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*