قاضي احمد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ايس يو پي پاران ڪمند جو اگھه 182 روپيا نه ملڻ ۽ شگر ملز نه ھلڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو

قاضي احمد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ايس يو پي پاران ڪمند جو اگھه 182 روپيا نه ملڻ ۽ شگر ملز نه ھلڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.

ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري باءِ پاس تي قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو مقرر ڪيل اگهه 182 روپيا في مڻ شگرملز انتظاميه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن چيو ته شگرملز نه هلائڻ سبب سندن ڪمند جو فصل سڪي سڙي رهيو آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شگرملز هلرائي آبادگارن کي ڪمند جي في مڻ جو اگهه 182 روپيا ڏئي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*