قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرز ۽ حڪومتي اتحادي جماعت بي اين پي مينگل خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊرز جاري نه ڪرڻ تي احتجاج

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرز ۽ حڪومتي اتحادي جماعت بي اين پي مينگل خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊرز جاري نه ڪرڻ تي احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، سردار اختر مينگل چيو آهي ته رڳو بلوچستان لاءِ ئي نه ٻين ميمبرن لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو وڃي.

اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو، اڄ به اپوزيشن ميمبرن خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ تي احتجاج ڪيو.

پيپلزپارٽي جي ميمبر راجا پرويز اشرف چيو ته خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، هُو اميد ٿو ڪري ته اڄ خواجا سعد جا پروڊڪشن آرڊر  جاري ڪيا ويندا.

ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هو ان معاملي تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪندو.

سردار اختر مينگل چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي جي مسئلي جو حل سٺو سنوڻ آهي، بلوچستان جي ميمبرن لاءِ نه پر باقي ٻين ميمبرن لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو وڃي.

سردار اختر مينگل چيو ته جيستائين سياسي طاقت ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ رهندي، اهو ئي حال  هوندو.

هن چيو ته شهباز شريف جي دور ۾ اسان جا 35 ڪارڪن شهيد ڪيا ويا.

اختر مينگل چيو ته هن سچيو ته جمعي جي مبار ڪ ڏينهن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويندا پر ايئن نه ٿيو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت هر سال ريڊيو پاڪستان کي 5 ارب 26 ڪروڙ ڏيندي آهي، جنهن جي آمدني رڳو 20 ڪروڙ آهي، اسان ريڊيو پاڪستان لاءِ نئون بزنس پلان جوڙي رهيا آهيون.

اجلاس جي ڪارروائي دوران وزيراعظم جي صلاحڪار زلفي بخاري، يوسف بيگ مرزا سميت ٻين جي مقرري تي اعتراض ڪيو ويو.

حڪومتي اتحادي جماعت بي اين پي مينگل  ۽ اپوزيشن خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊرز جاري نه ڪرڻ تي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*