مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف قانونسازي لاءِ حڪومت سان سهڪار جو اشارو ڏئي ڇڏيو

مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف قانونسازي لاءِ حڪومت سان سهڪار جو اشارو ڏئي ڇڏيو، حمزا شهباز شريف چيو ته شهباز شريف پهرين ڏينهن کان چيو هو ته پاڪستان لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.

پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف قانونسازي لاءِ حڪومت سان سهڪار جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته شهباز شريف پهرين ڏينهن کان چيو هو ته پاڪستان لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.

هن چيو ته 100 ڏينهن کانپوءِ نيٺ حڪومت ڳالهه سمجهي وئي ته پارليامينٽ جي ڪارروائي اهڙي نموني نه ٿي هلي سگهي.

حمزه شهباز چيو ته شهباز شريف پهرين ڏينهن چيو هو ته پاڪستان جون جيڪي معاشي حالتون آهن، ان حوالي سان پاڪستان لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪيو  ويندو.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته خواجه سلمان رفيق تمام گهڻو محنتي ماڻهو آهي جنهن جا پروڊڪشن آرڊر فوري طور جاري ڪرڻ گهرجن.

حمزا شهباز چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽنهي صوبائي اسيمبلين ۾ پروڊڪشن آرڊر جو قانون آهي پر پنجاب اسيمبلي ۾ ناهي.

هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ته پوءِ اهو قانون ٺاهڻو  پوندو، ڇاڪاڻ ته وقت تبديل ٿيندو رهندو آهي، اڄ جيڪي حڪومت ۾ آهن اهي سڀاڻي مخالف ڌر ۾ هوندا ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*