قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته سنڌ کي گئس جي بندش تي قانون موجب پنهنجو حق حاصل ڪنداسين

قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته سنڌ کي گئس جي بندش تي قانون موجب پنهنجو حق حاصل ڪنداسين، گئس جي مڪمل فراهمي ٿيڻ تائين احتجاج جو سڏ واپس نه ورتو ويندو.

ڪراچي ۾ گئس جي بندش بابت اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائندي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو گئس ملڻ گهرجي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي گئس فراهمي بند ٿيڻ بعد احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، گئس جي مڪمل فراهمي شروع ٿيڻ تائين احتجاج جو سڏ واپس نه ورتو ويندو.

صوبائي وزير امتياز شيخ جوچوڻ هو ته انرجي پاليسي تي عمل ڪري ونڊ ۽ سولر منصوبا لڳايا ويا ته سنڌ ۾ 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهندي.

امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته اسان سيپڪو ۽ حيسڪو سان مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهيون، سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*