حيدرآباد ۾ مدرسي جي قاري  معصوم ٻارڙن تي پائيپ سان تشدد ڪري کيس بي حال ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ مدرسي جي قاري  معصوم ٻارڙن تي پائيپ سان تشدد ڪري کيس بي حال ڪري ڇڏيو آهي،پوليس قاري کي گرفتار ڪري ورتو، وڏي وزير معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

شهر جي  معصوم شاهه ڪالوني ۾ مدرسي جي هڪ قاري کٿابين تي وحشياڻو  تشدد ڪري بي حال ڪري ڇڏيو آهي.

 قاري پاران کٿابين کي پائيپ سان تشدد ڪرڻ ۽ ڏنڀ ڏيڻ جو به انڪشاف ٿيو.

واقعي جي وڊيو منظر عام تي اچڻ بعد پوليس کٿابين تي تشدد ڪندڙ قاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر حيدرآباد کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻارڙا معصوم هوندا آهن، انهن تي تشدد ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو.

وڏي وزير چيو ته تعليم کاتو ٻارڙن تي ٿيندڙ وحشياڻي تشدد کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*