گولاڙچي ۾ اڻڄاتل جوابدرا ٻن خانگي اسڪولن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد رڪارڊ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

گذريل رات دير سان اڻڄاتل جوابدار ٻن خانگي اسڪولن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد هڪ اسڪول جي رڪارڊ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

جوابدارن هڪ اسڪول جي رڪارڊ کي ساڙڻ بعد ٻئي خانگي اسڪول جي  پرنسپل آفيس سميت ٻين ڪمرن ۾ پيل ٽيبلون، ڪرسيون ۽ ٻيو سامان ٽوڙي ڇڏيو.

اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، خانگي اسڪول ايسوسئيشن جي عهديدارن سان گڏجاڻي ڪري پوءِ ايندڙ لائحه عمل جوڙيو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو ته اسڪول انتظاميه پاران رابطو ڪرڻ بعد ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*