بخشاپور ويجهو گهرو اڻبڻت تان ڏيرن گوليون هڻي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

بخشاپور ويجهو گهرو اڻبڻت تان ڏيرن گوليون هڻي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، تنگواڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجيءَ نوجوان سئوٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ فوج علي مزاري  ۾ ڏيرن پسٽل سان فائرنگ ڪري نوجوان ڀاڄائي آسيه زال نور محمد کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي بڊاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪشمور اسپتال منتقل ڪيو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب لاش ڪنڌ ڪوٽ منتقل ڪيو ويو.

ناري جي وارثن موجب ڏيرن گهرو اڻبڻت تان گوليون هڻي آسيه کي قتل ڪيو آهي، جڏهن ته بڊاڻي پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ علي گوهر سهندڙو ۾جوابدار مختيارسهندڙو پنهنجي سئوٽ ناري عظيمان کي گهٽاڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

 اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو.

 پوليس موجب جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي، جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*