وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت

وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دشمن بزدلاڻين ڪاررواين سان نوجوانن جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.

وزيراعظم عمران خان تربت ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي اهلڪارن جي ايثال ثواب ۽ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي دعا ڪئي.

وزيراعظم عمران خان متاثر ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار به ڪيو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته دشمن بزدلاڻين ڪاررواين سان ڪنهن به صورت ۾ اسان جي نوجوانن جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته، اسان دهشتگردن جو آخري حد تائين پيڇو ڪنداسين……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*