سپريم ڪورٽ خانگي اسپتالن جي ڪيس جي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ خانگي اسپتالن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي کي نيشنل اسپتال جو سمورو رڪارڊ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اسپتال کي اگهه بابت خدشا آهن ته اها درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ خانگي اسپتالن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن خانگي اسپتالن جي اگهن بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اگهه بابت خدشا آهن ته اهو اسپتال درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿي.

چيف جسٽس  پڇا ڪئي ته ڊاڪٽرز بابت ڪهڙي رپورٽ آهي، جنهن تي ڊي جي ايل ڊي اي چيو ته ڊاڪٽر اسپتال جي  بلڊنگ رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽرز اسپتال بلڊنگ رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته  انهن خلاف اڄ شام تائين ڪارروائي ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي نيشنل اسپتال جو سمورو رڪارڊ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ٻڌڻي دوران نيشنل اسپتال جي فارنزڪ آڊٽ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*