سپريم ڪورٽ ايل ڊي اي سٽي ڪيس ۾ نواز ليگ جي ٻن ايم پي ايز افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کوکر فوري طور طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ ايل ڊي اي سٽي ڪيس ۾ نواز ليگ جي ٻن ايم پي ايز افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کوکر فوري طور طلب ڪري ورتو، عدالت ايف آءِ اي کي نواز ليگ اڳواڻن جي ملڪيت جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ايل ڊي اي سٽي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ٽائون شپ ۾ تمام گهڻيون شڪايتون ملي رهيون آهن، اسان اتي ڪيمپ به لڳائي هئي پر ان باوجود ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي، ٻڌايو ته ڪير آهي افضل کوکر؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نواز ليگ اڳواڻ افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کي گهرايو، جيڪڏهن نه اچن ته ايس ايس پي کي چئو ته کين پيش ڪري.

عدالت نواز ليگ ايم پي اي افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کوکر فوري طور طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي نواز ليگ ايم پي اي جي ملڪيت جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*