سئي سدرن گئس ڪمپني جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته في الحال سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کولڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو

سئي سدرن گئس ڪمپني جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته في الحال سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کولڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، گئس پريشر سسٽم ۾ بهتري ايندي ئي گئس جي فراهمي شروع ڪئي ويندي.

ايس ايس جي سي انتظاميه جو چوڻ آهي ته  گئس پريشر گهٽ هئڻ ڪري سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي بند رکيو ويو آهي.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته سي اين جي اسٽيشنز کولڻ واري اعلان بابت خبرون بي بنياد آهن، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.

ڪمپني انتظاميه جو چوڻ آهي ته في الحال سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گئس جي فراهمي بند آهي، گئس پريشر بهتر ٿيندي ئي سموريون سي اين جي اسٽيشنز کوليون وينديون…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*