حيدرآباد جي عدالت مدرسي جي کٿابين تي تشدد ڪندڙ مولوي جي 25 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

حيدرآباد جي عدالت مدرسي جي کٿابين تي تشدد ڪندڙ مولوي جي 25 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جوابدار کي ٻارڙن تي تشدد واري وڊيو منظر عام تي اچڻ بعد گّذريل ڏينهن پوليس گرفتار ڪيو هو.

گذريل ڏينهن مدرسي جي شاگردن تي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار قاري کي حيدرآباد جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدارجي 25 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

جوابدار کي مدرسي جي کٿابين تي تشدد ڪرڻ واري وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پوليس گرفتار ڪيو هو.

جوابدار پاران ٻارڙن کي پائيپ سان تشدد ڪرڻ سميت باهه ڏنڀ ڏيڻ جو به انڪشاف سامهون آيو هو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*