سپريم ڪورٽ  فشريز ڪوآپريٽيو سوسائٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر نثار مورائي جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ  فشريز ڪوآپريٽيو سوسائٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر نثار مورائي جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس عظمت سعيد نيب کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته رڪارڊ ۾ ڪا به اهڙي شي ناهي، جنهن مان لڳي ته نثار مورائي جي حياتي کي خطرو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ فشريز ڪوآپريٽيو سوسائٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر نثار مورائي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته رڪارڊ ۾ ڪا به اهڙي شيءَ نه آهي ، جنهن مان لڳي ته نثار مورائي جي حياتي کي خطرو آهي.

جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جيل اختياريون ڪنهن به جوابدار کي اسپتال موڪلي سگهن ٿيو.

عدالت نثار مورائي جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت فشريز ڪوآپريٽيو سوسائٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر نثار مورائي جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*