قاضي احمد ويجهو گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو

، گذريل ڏينهن ساڳئي هنڌان سندس بُوٽ ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي هئي.

 آمري قاضي احمد پل وٽان سنڌو درياءَ مان لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي 3 ڏينهن کان گم ٿيل نوجوان جي وارثن پهچي سليمان اوٺو طور سڃاڻپ ڪئي.

 پوليس لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتان مڙهه پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

 نوجوان قاضي احمد شهر جو رهواسي هو ۽ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور نوڪري ڪندو هو، گذريل ڏينهن ساڳئي هنڌ وٽان بُوٽ ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪيا ويا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*