ڏڪار سٽيل ڏيهه ٿر ۾ راڻي کيت مرض وگهي وڌيڪ 5 مور پکي مري ويا

ڏڪار سٽيل ڏيهه ٿر ۾ راڻي کيت مرض وگهي وڌيڪ 5 مور پکي مري ويا، علائقي ۾ ڪيترائي مور بيمار هجڻ باوجود جهنگلي جيوت کاتي پاران گهربل قدم  ناهن کنيا ويا.

 ڇاڇرو ويجهو ٿر پارڪر جي سونهن مور پکين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر راڻي کيت جي مرض منهن ڪڍيو، جنهن ۾ ڪيترائي خوبصورت مور پکي مبتلا ٿي ويا آهن.

 ڳوٺ ڏٻڙڇا ۾ راڻي کيت  مرض جي نتيجي ۾ گذريل چئن ڏينهن ۾ وڌيڪ 5 مور مري ويا، جڏهن ته ڪيترائي ورتل آهن.

          علائقي جي رهواسين چيو آهي ته  هتي 10 کان وڌيڪ مور ساڳئي مرض ۾ وٺجي ويا آهن پر جهنگلي جيوت کاتي جي عملي خوبصورت پکين جي تحفظ لاءَ گهربل قدم نه کنيا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*