ٺل ۾ معذورن ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٺل ۾ معذورن ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

معذورن هٿن ۾ پمفليٽ کڻي غوث بخش ٻرڙو، پنهل پاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي معذورن چيو ته هر کاتي ۾ معذورن لاءِ ڪوٽا آهي، پر خبر ناهي اها ڪوٽا  ڪنهن ڏني وڃي ٿي.

هنن چيو ته هر يونين ڪائونسل ۾ معذور رهن ٿا يو سي چيئرمين غريبن لاءِ آيل امدادي سامان به نه ٿا ڏين.

 هنن مطالبو ڪيو ته سندن جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*