سنڌ ۾ ڪمند جو مقرر ٿيل اگهه 182 رپيا نه ملڻ ۽ شگر ملز نه هلڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل پاران سنڌ اسيمبلي آڏو مارچ ڪيو ته پوليس کين روڪي ورتو

سنڌ ۾ ڪمند جو مقرر ٿيل اگهه 182 رپيا نه ملڻ ۽ شگر ملز نه هلڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل پاران سنڌ اسيمبلي آڏو مارچ ڪيو ته پوليس کين روڪي ورتو.

سنڌ ۾ ڪمند جو مقرر ٿيل اگهه 182 رپيا نه ملڻ ۽ شگر ملز نه هلڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جو حيدرآباد مان نڪتل جو قافلو ڪراچي پهتو.

علي پلھه، جمال محمد کهڙو ۽ هارون ميمڻ جي اڳواڻي ۾ آبادگارن سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين ڦوهارا چوڪ تي روڪي ورتو.

پوليس پاران ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر ڪين گهرايا ويا جڏهن ته پوليس رستا بند هئڻ سبب آبادگار واپس ڪراچي پريس ڪلب پهتا.

آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ اسيمبلي اڳيان پرامن نموني سان احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا.

هنن چيو ته شگر ملز 15 آڪٽوبر کان هلائڻ گهرجن پر هتي دير سان شگر ملون هلائي آبادگارن کي نقصان پهچايو وڃي ٿو.

علي پلهه چيو ته پاسما وارا ڪمند جو اگهه 182 روپيا في مڻ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جيستائين ڪمند جو اگهه 182 ڏئي شگرملون نه هلايون وينديون، تيستائين سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*