سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي آصف زرداري مونجهاري جو شڪار آهي

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي آصف زرداري مونجهاري جو شڪار آهي، مٿس ڪرپشن جا ڪيترائي الزام آهن، گذريل ڏينهن سندس ڪيل ڳالهيون افسوسناڪ آهن.

حيدرآباد ۾ سيلاني هومز جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته بينظير ڀٽو جي سياست بعد آصف زرداري پنهنجي سياست چمڪائي، هو ٻڌائي ته کيس ڪير هتي وٺي آيا.

عمران اسماعيل چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کان 100 ڏينهن جو حساب وٺڻ وارن 70 سالن ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو.

هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جيڪڏهن برساتون نه ٿيون ته وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.

عمران اسماعيل چيو ته سنڌ ۾ ڊيم ٺاهڻ گهرجن ها پر پاڻي ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو، هاڻي به وقت آهي گڏجي معاملن کي صحيح ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته رستن تي رهندڙن بابت وزيراعظم عمران خان کي وڏو فڪر آهي، حڪومت 50 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

عمران اسماعيل چيو ته اسان پوري ملڪ ۾ سيلاني ٽرسٽ سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*