لاڙڪاڻي ۾ڪار ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو

لاڙڪاڻي ۾ڪار ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، چئن ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پيرڳوٺ ڀرسان ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لاڙڪاڻي ۾ اوٺا چوڪ ڀرسان ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڏينهن جو ڄاول معصوم ٻارڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 زخمين ۾ تنوير، اشرف علي ميرالي، آڪاش، ساگر ۽ صغرا شامل آهن، جن کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي پير ڳوٺ ويجهو خيرپور- لاڙڪاڻي باءِ  پاس تي ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ بشير احمد ڪانڌڙو، توفيق احمد، جاويدعلي، فاروق احمدشامل آهن، جن کي خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*