فريدآباد جي گرلس هاءِ اسڪول تي ميهڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ڇاپو هنيو

فريدآباد جي گرلس هاءِ اسڪول تي ميهڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ڇاپو هنيو ته هيڊماسترياڻي سميت سڀئي ماسترياڻيون غيرحاضر هنيون، جنهن تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميهڙ احمد نواز ڊومڪي گرلس هاءِ اسڪول تي ڇاپو هنيو ته هيڊ ماسترياڻي سميت سموريون ماسترياڻيون غيرحاضر هيون .

ايڊيشنل سيشن جج اسڪول جي چوڪيدار ۽ پٽيوالن کان اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سميت ٻين معاملن بابت پڇاڻو ڪيو.

شهرين جج کي شڪايت ڪئي ته فلٽر پلانٽ تان بااثر ماڻهو کين پاڻي ڀرڻ کان روڪي رهيا آهن.

ايڊيشنل سيشن جج سان ڳوٺ سڄڻ ميرواڻي ۽ دوست محمد چانڊيو جي رهواسين ڳوٺن جا اسڪول بند هجڻ بابت شڪايتون پڻ ڪيون.

ايڊيشنل سيشن جج ماڻهن کي سندن مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کان پوءِ واپس روانو ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*