ايس يو پي اڳواڻ اڳواڻ زين شاھ ۽ ٻين تي قاضي احمد پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٺاروشاهه ۽ سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ايس يو پي اڳواڻ اڳواڻ زين شاھ ۽ ٻين تي قاضي احمد پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٺاروشاهه ۽ سڪرنڊ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ٺاروشاهه ۾ رضا محمد بهڻ، امير ڪالاڻي ۽ نادر راڄپر جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ماسٽر چندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

سڪرنڊ ۾ محڪم لنڊ ۽ آزاد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن صحافي چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھ ڏئي  ڌرڻو ھنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جي آبادگارن کي انصاف فراهم ڪرڻ بدران پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين هيسائي رهي آهي.

 هنن چيو ته پوليس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۽ آبادگارن جي گهر تي چڙھايون ڪري کين گرفتار ڪري رهي آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته  زين شاھ سميت ٻين اڳواڻن ۽ آبادگارن خلاف داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پوري صوبي ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*