لاڙڪاڻي ۾ پ پ ش ڀ پاران 2 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل اسد عمراڻي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻي ۾ پ پ ش ڀ پاران 2 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل اسد عمراڻي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن مختيار ڀٽو، ولي محمد لاهوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾هٿن ۾ جهنڊا ۽ پمفليٽ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود اسد عمراڻي جي قاتلن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسد علي عمراڻي جي واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*