اسلام آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 7 شڪي شخصن کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 7 شڪي شخصن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اشرف ٽائون، پنڊوڙيان، سوهن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران گهر گهر تلاشي ورتي.

 پوليس موجب ڪارروائي ۾ 7 شڪين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته منشيات ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

 پوليس گرفتار ڪيل شڪي شخصن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائيءَ لاءِ کَنا ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*