سنڌ حڪومت  نجي ڪمپني سان پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ تحت ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو

سنڌ حڪومت  نجي ڪمپني سان پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ تحت ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي.

 ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صحت کاتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نجي اين جي او پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

 اجلاس دوران صحت جي صوبائي وزير، سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي خاص صلاحڪار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ حڪومت ۽ نجي ڪمپني ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو، جنهن تي واڳيل عملدارن صحيحون ڪيون.

 معاهدي موجب شروعاتي طور تي 60 ايمبولنسز هلايون پيون وڃن، جڏهن ته بعد ۾ انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو.

 ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهي، هڪ سال کانپوءِ ايمبولينس سروس جو انگ 200 ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*