پشاور ۾  سلطنت عمان جي جيل ۾ قيد شهرين جي وارثن پاران سندن آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

پشاور ۾  سلطنت عمان جي جيل ۾ قيد شهرين جي وارثن پاران سندن آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 قيدين جي وارثن پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي، ڪي پي حڪومت جي ترجمان اجمل وزير به ان موقعي تي شرڪت ڪئي.

 احتجاج ڪندڙن دانهيو ته ملڪ جا 700 شهري پرڏيهي ملڪن ۾ قيدي بڻيل آهن، جنهن ۾ 657 سلطنت عمان ۾ قيدي آهن.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پيارن کي جيل مان آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*