اسلام آباد جي عدالت خانگي ٽي وي چينل جي صحافي تي تشدد ڪندڙ ٻن گارڊز کي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد جي عدالت خانگي ٽي وي چينل جي صحافي تي تشدد ڪندڙ ٻن گارڊز کي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ خانگي ٽي وي چينل جي صحافيءَ  تي تشدد  واري واقعي جو نوٽيس ورتو.

وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ خانگي ٽي وي چينل جي صحافيءَ  تي تشدد  واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

وزراعظم عمران خان چيو ته صحافين تي تشدد  برداشت جوڳو عمل نه آهي، حڪومت ميڊيا ورڪرز جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي.

وزيراعظم جي ترجمان چيو ته وزيراعظم کي واقعي بابت آگاهي به ڏني وئي.

ٻئي طرف خانگي ٽي وي چينل جي ڪيمرامين تي تشدد ڪندڙ ٻن جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ ثاقب جواد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت نواز شريف جي ٻنهي محافظن کي  14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*