چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ٿر مسئلو سنڌ حڪومت اڪيلي سر حل نه ٿي ڪري سگهي يوسف رضا گيلاني

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عام چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون، نواز شريف کي گهرجي ته ننڍن صوبن کي گڏ کڻي هلي، جڏهن ته ٿر مسئلو صوبائي حڪومت اڪيلي سر حل نه ٿي ڪري سگهي.

ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته عام چونڊون ٻه هزار پندرنهن-سورنهن ۾ ٿيندي نظر نه ٿيون اچن.

هن چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون، عمران خان ڪو به انقلاب نه ٿو آڻي سگهي، ڇاڪاڻ ته وٽس نظرياتي ڪارڪنن جي کوٽ آهي.

هن چيو ته عمران خان جلاءُ گهيراءُ جي سياست ڇڏي پارليامينٽ ۾ ويهڻ گهرجي.

يوسف رضا گيلاني جو اهو به چوڻ هو ته جڏهن پيپلز پارٽي کي سادي اڪثريت هئي تڏهن به ملڪي معاملن کي مفاهمت سان هلايو ويو.

هن چيو ته نواز شريف کي گهرجي ته ننڍن صوبن کي گڏ کڻي هلي، ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال تي ضابطي آڻڻ سميت انهن کي حل ڪرڻ رڳو صوبائي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*