نوازليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف ۽ زرداري سياسي شخصيتون آهن

نوازليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف ۽ زرداري سياسي شخصيتون آهن، جڏهن ملاقات ٿيندي ته سڀني کي خبر پئجي ويندي، جنهن وقت به حڪومت کي گيس ۽ بجلي مهانگي ڪرڻي  هوندي آهي ته نوازشريف تي اين آر او جو الزام لڳايو ويندو آهي.

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته حنيف عباسي جي جيل وڃڻ کانپوءِ سندس ڌيءُ کي اسپتال ۾ ذهني اذيت کي منهن ڏيڻو پيو.

هن چيو ته جنهن وقت به حڪومت کي گيس ۽ بجلي مهانگي ڪرڻي  هوندي آهي ته نوازشريف تي اين آر او جو الزام لڳايو ويندو آهي.

هن چيو ته، نواز شريف 150 کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳي چڪو آهي، مٿس هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي.

هن چيو ته، هي حڪومت ناڪاري سوچ رکندڙ آهي، هي پاڻ ئي چور آهن، جنهن سبب کين هر طرف چور نظر اچي رهيا آهن.

نواز ليگ ترجمان چيو ته خواجا سعد رفيق کي بنا ريفرنس داخل ڪرڻ جي گرفتار ڪيو ويو، پروڊڪشن آرڊر سعد رفيق جو حق آهي، کيس انهيءَ جمهوري حق کان محروم رکيو ويو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته اسان کي اميد آهي ته سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويندا ته جيئن هو اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي.

مريم اورنگزيب چيو ته حنيف عباسي جي ڌيءُ اريبا سان جيڪوڪجهه ٿيو، ان جي مذمت ڪريون ٿا.

مريم اورنگزيب چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي قانون تحت آڊيو ريڪارڊنگ ڪري پوءِ ان کي ليڪ ڪيو ويو، ايم ايس صاحب ڪنهن جي چوڻ تي آڊيو ريڪارڊنگ ڪري ليگ ڪئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*